نئين بلدياتي قانون تي اپوزيشن جو احتجاج نامناسب آهي:ناصر شاهه/ سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي ڏنل پلاٽن مان211 پلاٽن جي الاٽمنٽ ۾ رنڊڪن جي ڪري انهن پلاٽن جي اسڪيم 42 جي بلاڪ 68 ۾ ري الاٽمنٽ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فاضل جميلي ۽ سيڪريٽري محمد رضوان ڀٽي جمعي واري ڏينهن بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ انهن پاران صحافين جي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. ٻئي پاسي سنڌ جي بلديات، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ ۽ سنڌ جي بلديات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني  سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس سان خطاب ڪندي چيو ته نئين بلدياتي قانون تي اپوزيشن پارٽين پاران احتجاج نامناسب آهي ڇو ته سنڌ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته بلدياتي قانون ۾ سمورين جماعتن سان مشورو ڪري ان پٽ حاصل ڪيو وڃي. اها ئي اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت به آهي هن چيو ته نئين بلدياتي قانونن جي تحت ٽائون سسٽم ڏنو ويو آهي ۽ هاڻ سمورا اختيار قانون جي مطابق هوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.