حيدرآباد ۾ نوجوانن پاران ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن کي سينگاري ريلي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪارن، موٽرسائيڪلن سميت مختلف گاڏين کي سينگاري ثقافتي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف ڳوٺن ۽ علائقن کان ٿيندي شهيد هوش محمد شيدي جي مزار تي پهتي، جتي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي، ريلي جي اڳواڻي عظيم ٻرهام، فرحان علي ٻٻر، عمران علي ٻٻر، شوڪت ملاح، راشد ٻوچ ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي نوجوانن جو چوڻ هو ته 5 ڊسمبر تي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.