ريحام خان پاڪستان پهچي وئي، چونڊ وڙهڻ جو اشارو

لاهور(م ڊ)وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان پاڪستان پهچي وئي آهي ۽ چونڊ وڙهڻ جو اشارو ڏنو آهي. لاهور ۾ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ريحام خان چيو ته لنڊن پلان جو نه اڳ ۾ ڪڏهن حصو هئس نه ئي هاڻي آهيان.ڳالهه ٻولهه دوران ريحام خان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات جي سوال کي گهمائي وئي ۽ چيو ته نواز شريف واپس ايندو ته سياست ۾ تبديلي ايندي.  مسلم ليگ نون فاتح آهي ۽ ان جي ٽڪيٽ به فتح جو نشان آهي. سندس چوڻ هو ته اختيار ڏيڻ واري ڪنهن به فاتح پارٽي ڏانهن پيشڪش ٿي ته اليڪشن وڙهڻ ۾ دلچسپي وٺندس.ريحام خان اهو به چيو ته هڪ غلط فيصلو مان به ڪيو ۽ هڪ گورنر پنجاب چوڌري سرور به ڪيو. هن چيو ته غلط فيصلي بابت مونکي 6 مهينن ۾ ئي خبر پئجي وئي هئي، اهڙي ريت چوهڌري سرور کي به خبر پئجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.