افغانستان ۾ 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهن کي امداد جي ضرورت پوندي: گڏيل قومون

نيويارڪ  ( م ڊ) گڏيل قومن جي پيچيده هنگامي صورتحال ۽ قدرتي آفتن جي صورت ۾ امدادي سرگرمين جي اداري او سي ايڇ اي چيو آهي ته گڏيل قومن ۽ شراڪتدار دنيا جي سڀ کان وڏي هنگامي صورتحال واري ملڪ افغانستان ۾ امداد جي ورڇ دوران ضرورتن جو جائزو وٺي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري گذريل ڏينهن جنيوا ۾ عالمي انساني همدرديءَ جي جائزه رپورٽ ۾ چيو آهي ته افغانستان دنيا جو سڀ کان وڏي هنگامي صورتحال کي مُنهن ڏيندڙ ملڪ آهي، جتي ايندڙ سال 2 ڪروڙ 40 لک ماڻهن کي امداد جي ضرورت پوندي. گذريل 7 ڏينهن ۾ افغانستان جي 4 صوبن بخدشان، بغلان، تخار ۽ پروان ۾ اٽڪل 2 لک 80 هزار ماڻهن ۾ خوراڪ جون شيون هلندڙ هفتي ڪابل، صوبه غور ۽ پروان ۾ اٽڪل 20 هزار ماڻهن ۾ امدادي رقم، ٿڌ کان بچڻ جو سامان، گهريلو سامان، پاڻي، صفائي ۽ صحتمند شيون ورهايون ويون، 3. 0

  • افغانستان ۾ نڪاح جي لاءِ بالغ عورت جو راضپو ضروري، حڪم نامو جاري

ڪابل(م ڊ)افغانستان ۾ طالبان حڪومت عورتن جي حقن بابت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.طالبان جي امير ملا هيبت الله اخوندزادا عورتن جي حقن بابت فرمان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ افغانستان ۾ نڪاح جي لاءِ بالغ عورت جو راضپو ضروري قرار ڏنو ويو آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عورت هڪ ملڪيت نه پر هڪ باوقار ۽ آزاد انسان آهي، ڪو شخص به امن يا دشمني ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به عورت کي مٽاسٽا جي لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪنهن عورت تي شادي لاءِ دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو. حڪم نامي موجب بيواهه عورت کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ کي ڪرڻ جو حق هوندو، ڪنهن به بيواهه جو ڪو مٽ مائٽ ان جي زبردستي شادي نٿو ڪرائي سگهي، بيواهه عورت کي ان جي مڙس، پيءُ ۽ ٻارن جي مليت مان شرعي حق ملندو. عورتن جي حقن بابت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندڙ برابري جي بنياد تي گهروارين جي حقن جو خيال رکندا.

  • چين پاڪستان سان گڏجي سي پيڪ جي وقت سر تڪميل ۽ ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي: چيني سفير

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير نونگ رونگ چيو آهي ته چين پاڪستان سان گڏجي ڪري سي پيڪ رٿا جي وقت سر تڪميل ۽ اعليٰ معياري ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي سرڪاري ٽوئيٽ ۾ سفير چيو ته چين سي پيڪ جي ترقيءَ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم ۽ قيادت جي واکاڻ ڪئي. سفير وڌيڪ چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي ڪري سي پيڪ جي وقتائتي تڪميل ۽ اعليٰ معيار جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪندو، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. 03

  • سعودي عرب جي پاڪستان ۾ مقرر سفير طرفان نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو. جمعي ڏينهن پاڪ بحريه جي ترجمان ٻُڌايو ته سعودي سفير پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. ترجمان ٻُڌايو ته نيول چيف ۽ معزز مهمان خطي جي ميري ٽائم سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. سعودي سفير خطي ۾ امن ۽ـ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. 03

  • وياج جي خاتمي لاءِ درخواستن جي ٻُڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي شرعي عدالت وياج جي خاتمي لاءِ دائر درخواستن جي ٻُڌڻي 9 ڊسمبر 2021ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جمعي ڏينهن چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي جي سربراهيءَ ۾ جسٽس ڊاڪٽر سيد محمد انور، جسٽس خادم حسين ايم شيخ تي ٻَڌل 3 رڪني بينچ وياج جي خاتمي لاءِ دائر درخواستن تي ٻُڌڻي ڪئي. شنوائيءَ دوران عدالتي معاون انور منصور خان دليل ڏيندي مؤقف اختيار ڪيو ته آئين ۾ ملڪ مان ربا ختم ڪرڻ جي هدايت سڌيءَ ريت آهي، ملڪ ۾ روايتي بئنڪنگ جي ڪا گنجائش ناهي، دنيا وياج جي نظام کان ڏُور وڃي رهي آهي. آءِ ايم ايف به چئي رهي آهي ته وياج بنا نظام هلي سگهي ٿو، شنوائيءَ دوران جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر ابراهيم مؤقف اختيار ڪيو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته بئنڪنگ انٽريسٽ ربا آهي، عدالت حڪومت کي پنهنجا اعتراض ثابت ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائن ڏي، 03

  • دنيا جا سمورا ملڪ اومي ڪرون لاءِ تيار رهن: صحت جو عالمي ادارو

ڪراچي (رپورٽر ) صحت جي عالمي اداري خبردار ڪيو آهي ته دنيا جا سمورا ملڪ اومي ڪرون لاءِ تيار رهن، برطانوي ميڊيا موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ريجنل ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون جي جاگرافيائي پکيڙ جيتري وسيع آهي ايترو موجوده صورتحال ۾ ٻڌايو نه پيو وڃي. هن چيو ته اسان ڪورونا جي پهرين ڊيلٽا ويريئنٽ کان به سکيو آهي، ان ڪري سمورن ملڪن کي اومي ڪرون جي نئين ويريئنٽ لاءِ تيار رهڻ گهرجي، ڊبليو ايڇ او جي علائقائي ايمرجنسي ڊائريڪٽر چيو ته سفري پابنديون صرف ٻين ملڪن ۾ وائرس جي پکيڙ ۾ دير ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) اومي ڪرون تي وسيع تحقيق ڪري رهيو آهي پر اهڙو ڪو اطلاع ناهي مليو ته جن ملڪن ۾ هي ڦهلجي رهيو آهي اتي منجهس ڪا تبديلي آئي هجي.03

  • اڄ سال جو آخري سج گرهڻ، پاڪستان ۾ نظر نه ايندو

ڪراچي (رپورٽر) هلندڙ سال جو آخري سج گرهڻ اڄ ٿي رهيو آهي، موسميات کاتي موجب هي گرهڻ پاڪستان ۾ نظر نه ايندو، سج گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب صبع 10 لڳي 29 کان شروع ٿيندي، سج کي مڪمل گرهڻ 12 وڳي لڳندو، جڏهن ته 2 لڳي 37 منٽن تي ختم ٿيندو، موسميات کاتي موجب ڏکڻ افريقا،ڏکڻ آسٽريليا،ڏکڻ آمريڪا ۽ ٻين علائقن ۾ نظر ايندو، ياد رهي ته 15 ڏينهن اڳ چنڊ گرهڻ  ٿيو هو.

  • اٽارني جنرل عدالتي حڪم تي رانا شميم کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد پاران رانا شميم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻو چيف جسٽس بيان حلفي پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن موڪليو وڃي ۽ حلف نامي جي ڪاپي سيل بند لفافي ۾ پاڪستان هاءِ ڪميشن لنڊن کي موڪلي وڃي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن حلف نامو،  پرڏيهي وزارت جي رجسٽرار ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي موڪليندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.