سرداري نظام خلاف قومي عوامي تحريڪ جون پنجين ڏينهن به ريليون ۽ ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر(نمائندن وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف مختلف شھرن ۾ ڪالهه پنجين ڏينھن به ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا۔ ان ڏس ۾ قاسم آباد ۾ نسيم ننگر چوڪ کان ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، معشوق چانڊيو، رفيق ڪنراڻي، مڪيش اوڏ، دلدار ابڙو. ڪنڌڪوٽ ۾ صلاح بھلڪاڻي، سجاد بروھي، جيڪب آباد ۾ چاڪر جوڻيجو، عثمان سومرو، زاهد گرگيج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڪوٽڙي ۾ عبدالستار لُھر، محمد عرس رند، مبارڪ احمداڻي، مقصود علي ساند، مقصود جھتيال، ذاڪر بلوچ ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي۔ دڙي ۾ اشرف پليجو، رفيق بلاولي، جمن ملاح، زين سومرو، ونود ڪمار ۽ ٻين مظاھرو ڪيو۔ ميرواهه  گورچاڻي ۾ انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي جڏهن ته ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾  ظالم سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي ڪري اقتدار ۾ پھتل غدار وڏيرا شاھي ھر دور ۾ سنڌ جو سودو ڪري سنڌ جو پاڻي، سنڌ جون نوڪريون، شھر ۽ زمينون اقتدار عيوض ڌارين جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.