اڄ ڪراچي ۾ سنڌ ڪلچرل ڪاميٽي پاران شاندار پروگرام، ايوارڊ ڏنا ويندا

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ ڪلچرل ڪاميٽي پاران اڄ 4 ڊسمبر تي هڪ شاندار پروگرام رٿيو ويو آهي، جيڪو آرٽس ڪائونسل ڀرسان سنڌ بوائز اسڪائوٽس آڊيٽوريم ۾ اڄ 3 وڳي کان شروع ٿيندو، تقريب کي سينيٽر تاج حيدر، شاهه محمد شاهه، اياز لطيف پليجو، فيصل سبزواري، حليم عادل شيخ، بئريسٽر عمير سومرو، سميت ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، ان موقعي تي مائي جندو سميت سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ عورتن کي ايوارڊ ڏنا ويندا، پروگرام ۾ لوڪ فنڪار گيت، رقص، ٽيبلوز ۽ ٻيا ايٽم پيش ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.