سيالڪوٽ ۾ هجوم توهين جو الزام هڻي سريلنڪا واسي مئنيجر کي ماري ساڙي ڇڏيو

سيالڪوٽ( م ڊ) سيالڪوٽ ۾ هجوم سريلنڪا واسي مينيجر کي ماري باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو . سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مزدورن تي مشتمل هجوم ايڪسپورٽ مينيجر طور ڪم ڪندڙ سري لنڪا واسي همراهه کي تشدد ڪري مارڻ بعد باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو .صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس نفري موڪلي وئي آهي. سيالڪوٽ جي ضلعي پوليس آفيسر  عمر ملڪ موجب مقتول جي سڃاڻپ پريانٿا ڪمار طور ٿي آهي، جيڪو سري لنڪا جو شهري هو. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار واقعي کي انتهائي ڏکوئيندڙ قرار ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته واقعي واري هنڌ سوين ماڻهو موجود آهن جيڪي نعريبازي به ڪري رهيا آهن. پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاور چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي خاص نمائندي طاهر اشرفي، حسن خاور ۽ انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پنجاب پوليس گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ترجمان جو چوڻ هو ته سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر سان واقعو افسوسناڪ هو، سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، 48 ڪلاڪن ۾ جاچ مڪمل ڪئي وينديجيڪڏهن پوليس جي غفلت ثابت ٿي ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. حسن خاور چيو ته 15 تي ڪال ۽ پوليس جي جواب ۾ 20 منٽن جو فرق هوندو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته ان وقت پوليس پارٽي ڪٿي هئي، ڪنهن کي به رعايت نه ڏينداسين. بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگردي ايڪٽ تحت اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  وزيراعظم عمران خان جي بين المذاهب هم آهنگي بابت خاص نمائندي طاهر اشرفي چيو آهي ته ظلم، ڏاڍ ۽ بربريت آهي، ڏوهارين کي سزا ملندي، اهڙن ماڻهن اسلام جي تعليمات کي مسخ ڪيو، ان واقعي تي مسلمان شرمسار آهن.طاهر اشرفي چيو ته توهين رسالت ۽ توهين مذهب جو قانون موجود آهي، سريلنڪن مئنيجر تي حملو ڪندڙن ان قانون جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.  هوڏانهن  وزير اعظم عمران خان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن فيڪٽري مينيجر کي تشدد بعد قتل ڪري سندس لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي کي انتهائي خوفناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي نه بخشيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪو ڏينهن ملڪ لاءِ شرم جو ڏينهن آهي، هن چيو ته آئون سموري جاچ جي نگراني ڪري رهيو آهيان، گرفتاريون جاري آهن، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن هٿان سري لنڪا سان تعلق رکندڙ خانگي فيڪٽري جي مينيجر پرانٿا ڪمارا کي قتل ڪرڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته سيالڪوٽ ۾ مڇريل ماڻهن جي هجوم هٿان پرانٿا ڪمارا جو قتل مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي. هن چيو ته اهڙي عدالت کان مٿانهين قتل کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. آرمي چيف جو چوڻ هو ته اهڙي ڪڌي ڏوهه ۾ ملوث جوابدار کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سول انتظاميا جي مدد ڪئي ويندي. نجاب پوليس سيالڪوٽ ۾ فيڪٽري مينيجر کي ميڙ ذريعي قتل ڪرائيندڙ مک جوابدار گرفتار ڪري ورتو. آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي ۾ ماڻهن کي مڇرائيندڙ ۽ قتل جو اعتراف ڪندڙ جوابدار فرحان گرفتار ڪيو ويو آهي.آءِ جي پنجاب موجب جوابدار فرحان کي وڊيو ۾ فيڪٽري مينيجر تي تشدد ڪندي ۽ ماڻهن کي مڇرائيندي ڏسي سگهجي ٿو. 03

  • الزام جي بنياد تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليمن جي ابتڙ ۽ ڀڃڪڙي آهي: علامه طارق جميل

لاهور( م ڊ) ناليواري عالم دين ۽ مبلغ مولانا طارق جميل سيالڪوٽ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.طارق جميل چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ ناموس رسالت جي آڙ ۾ پرڏيهي کي جيئرو ساڙڻ وارو واقعو انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي. مولانا طارق جميل چيو ته رڳو الزام جي بنياد تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليمن جي ابتڙ ۽ ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته اسلام ۾ تشدد ۽ شدت پسندي جي ڪا به جاءِ ناهي، عالم سڳورا انتهاپسندي کي روڪڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.03

  • مقتول سريلنڪن مئنيجر  پونئيرن ۾ گهر واري ۽ ٻه ٻارڙا ڇڏيا

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ ۾ قتل ڪيل سريلنڪن مينيجر پريانٿا ڪمارا جي خاندان ۾ گهرواري ۽ ٻه ٻارڙا شامل آهن.. ان جا گهرڀاتي هڪ سال تائين ساڻس گڏ سيالڪوٽ ۾ ئي رهائش پذير هئا، هڪ سال اڳ سندس گهرواري ۽ ٻارڙا پاڪستان ڇڏي سري لنڪا هليا ويا هئا. مينيجر جي حوالي سان فيڪٽري مالڪ جو چوڻ هو ته اڄ تائين پرانٿا ڪمارا جي ڪا به شڪايت نه ملي هئي. فيڪٽري مالڪ چيو آهي ته جنهن وقت ان ڳالهه جي خبر پئي تيستائين پرانٿا ڪمارا ماڻهن جي هجوم جي ور چڙهي چڪو هو.03

  • شيرين مزاري سيالڪوٽ واقعي کي المناڪ ۽ مذمت جوڳو قرارڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري سيالڪوٽ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعو انتهائي خوفناڪ ۽ قابل مذمت آهي، ميڙ ڪري تشدد ڪرڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي، شيرين مزاري ٽوئيٽ بيان ۾ لکيو آهي ته ڏوهن کي روڪڻ لاءِ قانون موجود آهي، پنجاب حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا.

  • ايمنسٽي انٽرنيشنل سيالڪوٽ واقعي جو نوٽيس ورتو

نيويارڪ(م ڊ) انساني حقن جي عالمي اداري ايمنسٽي انٽرنيشنل سيالڪوٽ واقعو جو نوٽيس ورتو آهي، ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سري لنڪا جي فيڪٽري مئنيجر جو قتل المناڪ آهي، ياد رهي ته 2010ع ۾ به سيالڪوٽ جهڙو واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ ٻن ڀائرن کي ڦورو قرار ڏئي قتل ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.