پگهارون نه ملڻ تي ظنزيا ٽوئيٽ، سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا اڪائونٽ هيڪ

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا ٽوئٽر، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ٿي ويا آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جا ٽوئٽر، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ٿي ويا آهن ۽ ان اڪائونٽن تان پوسٽ ڪيل بيانن جو سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان ڪوبه تعلق نه آهي. سربيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي تصديق ٿيل اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئٽ ۾ 3 مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي احتجاج ڪيو ويو هو. ٽوئٽ ۾ چيو ويو هو ته مهانگائي سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. وزيراعظم عمران خان اوهان ڪهڙي اميد رکو ٿا ته اسان سرڪاري اختياريون خاموش رهنداسين ۽ 3 مهينن کان پگهارون نه ملڻ جي باوجود ڪم ڪندا رهنداسين. فيسون جمع نه ڪرائڻ سبب اسان جي ٻارن کي اسڪول مان ڪڍيو پيو وڃي. ڇا اهو آهي نئون پاڪستان؟ 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.