ملير ۾ ريلي، جاگيرداري نظام خلاف زنجير ٺاهي ٻڌي جو اظهار

ملير (ڊر) گلشن حديد فيز ون ۾ به ثقافتي ڏهاڙي جا رنگ جرڪي پيا سنڌي نوجوان سنگت گلشن حديد فيز ون ڪاشانا کان گلشن حديد فيز ٽو اربع بازار گرائونڊ تائين معراج خاصخيلي، علي خاصخيلي، علي حيدر ميرجت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين گاڏين جي شاندار ريلي ڪڍي وئي،  نوجوانن پاران جيئي سنڌ سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن گيت تي هٿ هٿن ۾ ملائي زبردست جهمر هنئي، ان موقعي تي نوجوانن ڳالهائيندي چيو ته هن ڀيري اسان چاهيون ٿا ته جاگيرداري نظام خلاف 5 ڊسمبر تي گڏيل آواز اٿاري هن نظام کي رد ڪريون ۽ سنڌ کي سردارن جي سازش کان پاڪ ڪريون، جيستائين سنڌ ۾ ڀوتارڪو راڄ هوندو سنڌي ماڻهو سک ڏسي نه سگهندا، سنڌ جا هُونئن ته ويري هزارين آهن پر سڀ کان وڏو ويري وڏيرو آهي، ان ڪري 5 ڊسمبر تي ڀوتارڪي نظام جي خاتمي لاءِ دعائون گهريون وينديون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.