ڪراچي ۾ ثقافتي ميلو، قومي گيتن تي رقص

ڪراچي (رپوٽر ) سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافتي ميلو، احمد مغل، تاج مستاني ۽ ٻين فنڪارن جي سر وکيريا، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت عالمي سطح مڃتا ماڻي آهي، سنڌي پنهنجي ثقافتي ڏهاڙو عيد وانگر ملهائين پيا. ڪراچي جي آرٽ ڪائونسل ۾ صدين کان امن ۽ ڀائيچاري جي پرچار ڪندڙ سنڌو تهذيب کي سلام هيٺ ڪوٺايل پروگرام کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌي پنهنجي ثقافت اجاڳر ڪري رهيا آهن، دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏيون پيا. هن ڇيو ته  ثقافتي تقريب جي ڪاميابي سنڌين جي ٻڌي جو ثبوت آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌي پنهنجي ثقافت سان ڪيترو پيار ڪن ٿا اهو هن پروگرام ذريعي دنيا کي پيغام ملي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ثقافت تي تنقيد ڪندڙن کي سنڌين امن ۽ محبتن سان جواب ڏنو آهي.  پروگرام ۾ شريڪ مهمانن کي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي ساٿين پاران سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي ثقافتي تقريب ۾ ناليوارو راڳي احمد مغل، تاج مستاني، جگر جلال.،فهيم علڻ ۽ وقار ملاح سر وکيري نوجوانن کي خوب جهومايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.