ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 8 ڄڻا فوت

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري خيبرپختونخوا کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 8 فوتگيون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 391 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 16 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 14 سيڪڙو، ملتان 14 سيڪڙو ۽ سرگوڌا ۾ 13 سيڪڙو مريض آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.