نياڻي جو لاش قبر مان ڪڍي بيحرمتي ڪرڻ خلاف محرابپور ۾ احتجاج، وارثن کي ڌمڪيون

محرابپور (ن ع آ) محرابپور ۾ گذريل خميس ڏهاڙي دير سان ڪلهوڙا برادري جي بااثرن پاران سوچي برداري جي نياڻي جو لاش قبر مان ڪڍي بيحرمتي ڪرڻ واري واقعي خلاف سوچي برادري جي ماڻھن عورتن ٻارڙنرميش لعل، موتي لعل، ڪرشن لونگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري بااثر قبضا مافيا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي متاثرن دانهيندي چيو ته اسان جو هي پراڻو قديمي مساڻ آھي جتي ڪجهه بااثر قبضا مافيا وڏيرا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اسان جي دفن ٿيل لاشن جي بيحرمتي ڪن ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته ظالمن اسان جي معصوم نياڻي جي قبر بلڊوز ڪري نياڻي جو لاش ٻاهر ڪڍي لاش ۽ مساڻ جي بيحرمتي ڪئي آهي، هنن چيو ته واقعي ۾ مفرور جوابدار اسان کي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون موڪلي رهيا آهن، جنهن سبب اسان مڪمل غير محفوظ بڻجي خوف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، هنن آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ مفرور جوابدارن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.