اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کان معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) تي سنگين الزام لڳائيندڙ هڪ ٻئي وفاقي وزير به معافي گهري ورتي. سنڌ اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني ۽ بلوچستان ميمبر شاهه محمد پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وزير فواد چوڌري ۽ ريلوي واري وزير وفاقي وزير اعظم سواتي خلاف پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي تي اعظم سواتي موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن آئيني اداري کان ڪا غلطي ٿي آهي ته معافي گهري وڃي. ميمبر سنڌ پڇيو ته اعظم سواتي پاڻ ڪٿي آهي؟ بئريسٽر علي ظفر چيو ته کيس اوچتو ڪوئيٽا وڃڻو پيو. سنڌ ميمبر چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به اعظم سواتي حاضري کان ڇوٽ گهري هئي، ڇا اعظم سواتي ڪيس مان فرار ٿي رهيو آهي؟ ٻڌڻي دوران بئريسٽر علي ظفر اعظم سواتي جو لکيل جواب پڙهي ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي لکت واري جواب ۾ اعظم سواتي چيو ته هن هميشه اليڪشن ڪميشن کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه کان دل آزاري ٿي آهي ته معافي وٺان ٿو. اليڪشن ڪميشن اعظم سواتي کي 22 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي کيس اڄ جي ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جي لکت ۾ معافي واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ چيو ته معافي تي مناسب حڪم جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.