فوجي عدالت سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ فوجي عدالت سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، بي بي سي جي رپورٽ موجب عسڪري ذريعن جو چوڻ آهي ته سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ کي 2 ڊسمبر تي سزا ٻڌائي وئي، ادريس تي وڏو الزام ڊرون حملن لاءِ گرائونڊ انفارميشن فراهم ڪرڻ هو، ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي جهلم ۾ ڪئي وئي، بند ڪمري ۾ فوجي عدالت جي ٻڌڻي دوران جوابدار کي وڪيل فراهم ڪيو ويو هو، شاهديون سامهون اچڻ بعد کيس سزا ٻڌائي وئي، ادريس خٽڪ جي ڌيءُ ۽ ڀاءُ اويس خٽڪ موجب اسان کي سرڪاري طور تي ڪجهه به نه ٻڌايو ويو آهي، ياد رهي ته ادريس خٽڪ کي نومبر 2019 ع تي اسلام آباد کان اڪوڙا خٽڪ ويندي صوابي انٽر چينج وٽ سادا ڪپڙا پاتل ڪجهه ماڻهو گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا هئا، سزا کان پوءِ  ادريس کي جهلم جي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.