پي ٽي آءِ نئين مڪاني ترميمي بل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبرن نئين بلدياتي ترميمي بل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ،  خرم شير زمان ۽ ٻين عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميمي بل ذريعي پيپلز پارٽي سمورن وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن آئين موجب سمورا اختيار  لوڪل گورنمينٽ کي ڏنا وڃن، عدالت کان استدعا آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيوآهي ته پيپلز پارٽي چور دروازي مان بل آڻي رهي آهي، بلدياتي ادارن کان سمورا اختيار واپس ورتا پيا وڃن، هن چيو ته اڏاوتي  آرڊيننس تحت رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهي وڃي، جنهن جو سربراهه حاضر سروس جج هوندو، اهو آرڊيننس پنهنجي ڪرپشن ۽ ڪميشن سسٽم جو گند صاف ڪرڻ لاءِ آندو پيو وڃي، حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جانور ٻڌل آهن، نسلا ٽاور جا متاثرين مظلوم آهن کين معاوضو ڏيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته وزيراعظم ايندڙ چونڊن ۾ شفافيت لاءِ اي وي ايم آڻڻ چاهي ٿو، ته ٻئي طرف بلاول مڪاني کاتي جي  چونڊن ۾ ٻه نمبري لاءِ سيڪريٽ بيلٽ جو قانون آڻڻ چاهي ٿو، ڳجهي بيلٽ سان راءِ شماري ۾ اميدوارن کي خريد ڪيو ويندو، ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪ سرزمين پارٽي به سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري چڪي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.