”رڳو الزام جي آڌار تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليم جي ابتڙ آهي“

ناليواري عالم دين ۽ مبلغ مولانا طارق جميل سيالڪوٽ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

طارق جميل چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ ناموس رسالت جي آڙ ۾ پرڏيهي کي جيئرو ساڙڻ وارو واقعو انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي.

مولانا طارق جميل چيو ته رڳو الزام جي بنياد تي قانون هٿ ۾ کڻڻ اسلامي تعليمن جي ابتڙ ۽ ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته اسلام ۾ تشدد ۽ شدت پسندي جي ڪا به جاءِ ناهي، عالم سڳورا انتهاپسندي کي روڪڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.