مقتول سريلنڪن فيڪٽري مينيجر جي خاندان ۾گهرواري ۽ ٻه ٻار شامل

سيالڪوٽ ۾ قتل ڪيل سريلنڪن فيڪٽري مينيجر پريانٿا ڪمارا جي خاندان ۾ گهرواري ۽ ٻه ٻارڙا شامل آهن.

ان جا گهرڀاتي هڪ سال تائين ساڻس گڏ سيالڪوٽ ۾ ئي رهائش پذير هئا، هڪ سال اڳ سندس گهرواري ۽ ٻارڙا پاڪستان ڇڏي سري لنڪا هليا ويا هئا.

مينيجر جي حوالي سان فيڪٽري مالڪ جو چوڻ هو ته اڄ تائين پرانٿا ڪمارا جي ڪا به شڪايت نه ملي هئي.

فيڪٽري مالڪ چيو آهي ته جنهن وقت ان ڳالهه جي خبر پئي تيستائين پرانٿا ڪمارا ماڻهن جي هجوم جي ور چڙهي چڪو هو.

هن چيو ته پوليس کي لڳ ڀڳ پوڻي 11 وڳي اطلاع ڏنو جنهن وقت پوليس پهتي ته نفري به گهٽ هئي.

سندس چوڻ هو ته جيستائين پوليس جي وڌيڪ نفري پهتي تيستائين پرانٿا ڪمارا مارجي چڪو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.