رَت رنگئي جوس جي حقيقت ڇا آهي؟

رت جي رنگ واري جوس جو وڪرو ڪرڻ وارو شخص اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي اهو شخص ڳاڙهي رنگ جو جوس وڪرو ڪري ٿو جنهن کي ماڻهو تمام گهڻو پسند ڪن ٿا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست اترپرديش جي شهر غازي آباد جا شهري ان ڳاڙهي رنگ جي جوس کي ڏسي پريشان ٿي ويا آهن، تنهن هوندي به ان کي پسند ڪيو وڃي ٿو.

ڀارت ۾ غازي آباد جو هڪ نوجوان رت جهڙو ڳاڙهو شربت رت واري ٿيلهي ۾ وجهي وڪرو ڪري رهيو آهي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو دڪاندار ڪمند جي جوس ۾ ڦودني ۽ چقندر جو جوس به ملائي ٿو جنهن جي ڪري ان جوس جو رنگ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو.

ماڻهو ڪمند جي جوس سان گڏ چقندر ۽ ڦودني جي جوس کي تمام گهڻو پسند ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.