بجلي ۽ گيس جي بنا ٻرندڙ ”چُلهو“

اڳ ۾ ته ڪاٺ کي باهه ڏئي کاڌو پچايو ويندو هو پوءِ وري قدرتي گيس جي ذخيرن جو استعمال ڪري گهرن ۾ کاڌو پچائڻ شروع ڪيو ويو.

انکانپوءِ وڌيڪ سهولت لاءِ بجلي سان ٻرندڙ چلها به گهر ۾ استعمال جي لاءِ متعارف ڪرايا ويا هئا.

پر هتي اسان هڪ اهڙي چُلهي جي ڳالهه ڪنداسين جنهن جي استعمال ۾ نه بجلي جو استعمال ٿيندو آهي ۽ نه ئي وري گيس جو، وڏي مزي جي ڳالهه ته ان جو خرچ به تمام گهٽ آهي.

اهو چُلهو اسٽيل جو ٺهيل هوندو آهي جنهن ۾ ڪاٺ ۽ گاسليٽ جو استعمال ڪري باهه ٻاري سگهجي ٿي.

باهه ٻرڻ کانپوءِ چُلهي ۾ موجود ٻُجي (نيب) جي مدد سان انکي گهٽائي ۽ وڌائي به سگهجي ٿو ۽ ان ۾ موجود پَکو انکي هوا ڏيندو رهي ٿو.

ان چُلهي کي استعمال ڪرڻ ۾ ماهوار خرچ 1500 رپين جو آهي ۽ ان جي استعمال سان گهر جا ٿانوَن به خراب ناهن ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.