پي ايس ايل 7 جي شيڊيول جو اعلان ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس اي) جي ستين ايڊيشن جي شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پي سي بي موجب پي ايس ايل 7 جي شروعات 27 جنوري کان ٿيندي، ايوينت جا 15 ميچر ڪراچي جڏهن ته 19 ميچز لاهور ۾ کيڏيا ويندا.

پڌرائي موجب افتتاحي ميچ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ 27 جنوري کان کيڏيو ويندو ان کان پوءِ 28 جنوري تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي ۾ مقابلو ٿيندو.

پاکستان سپر لیگ 7 کے شیڈول کا اعلان کردیا گیا، پہلا میچ کراچی اور ملتان کا ہوگا

پي ايس ايل 7 جو فائينل 27 فيبروري تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو. ايوينٽ جو ڪواليفائر، ايليمينٽر ۽ فائنل لاهور ۾ ٿيندو.

پي سي بي موجب رانديگرن جي ڊرافٽنگ 12 ڊسمبر تي لاهور جي هاءِ پرفارمنس سينتر ۾ ٿيندي، آصف علي، حارث رئوف ۽ محمد رضوان پلاٽينم ڪيٽيگري ۾ شامل ٿي ويا آهن جڏهن ته مقصود ۽ حيدر علي ڊائمنڊ ڪيٽيگري جو حصو بڻجي ويا آهن.

پاکستان سپر لیگ 7 کے شیڈول کا اعلان کردیا گیا، پہلا میچ کراچی اور ملتان کا ہوگا

پڌرائي موجب جمعي کان سواءِ جنهن ٻن ڏينهن ۾ ميچز ٿيندا ان ڏينهن پهرين ميچ منجهند جو 2 وڳي ۽ ٻين ميچ شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي.

جمعي تي جيڪڏهن ٻه ميچز ٿيندا ته پهريون منجهند جو 3 وڳي ۽ ٻين رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي.

ان کانسواءِ جنهن ڏينهن هڪ ميچ ٿيندي ان ڏينهن ميچ شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي.

ايوينٽ ۾ گڏيل طور تي 34 ميچز کيڏيا ويندا. سڀئي ٽيمون ڪراچي ۽ لاهور ۾ برابر انگ ۾ ميچز کيڏنديون. گروپ مرحلي ۾ سڀئي ٽيمون 10،10 ميچز کيڏنديون جنهن کان پوءِ ڪواليفائر، ايليمينٽر ۽ پوءِ فائنل ٿيندو.

پاکستان سپر لیگ 7 کے شیڈول کا اعلان کردیا گیا، پہلا میچ کراچی اور ملتان کا ہوگا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.