گھوٽڪي ڀرسان روڊ حادثو، زال مڙس فوت

گھوٽڪي ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس فوت ٿي ويا.

گھوٽڪي ڀرسان سرحد باء پاس تي ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار عورت ۽ سندس مڙس ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي سرحد پوليس پهچي فوتين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

فوتين جي سڃاڻپ محمد پنهل ۽ سندس گھرواري شهناز خاتون طور ٿي.

ٻي پاسي پوليس ٽرالر کي تحويل وٺي ڇڏيو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.