قمبر: معذورن پاران نوڪريون نه ملڻ ۽ ناانصافين خلاف احتجاج

قمبر ۾ ڀٽائي ڊس ايبل سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن پاران من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ معذورن سان ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

معذورن پاران سھيل احمد ٻرڙو، اعجاز علي بروھي، محمد حسن سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قمبر بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان معاشري جو حصو آھيون،  معذورن تي به سياست ڪئي پئي وڃي حقدار معذورن کي حقن کان محروم رکڻ ناانصافي آهي اسان جي ڪو دانھن ٻڌڻ وارو ناھي، سرڪاري کاتن ۾ معذور ڪوٽا تي نارمل ماڻھون ڀرٿي ڪيا پيا وڃن.

احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته معذور ڪوٽا تي نوڪريون ڏئي اڻ پڙهيل معذورن لاءِ وظيفو مقرر ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.