گلشن اقبال:”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي اعلان تي سرداري نظام خلاف ريلي

عوامي آواز جي نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“ جي اعلان تي ڪراچي جي شاھنواز شر ڳوٺ ۾ ڳوٺ ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ عاشقان سنڌ پاران شبير راڄپر، ايڊوڪيٽ حاڪم چنه، حمزا سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي مک بازار ۾ ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ کي مختلف غلامين جي جڪڙيو ويو سرداري نظام به انهن مان هڪ آهي، جيستائين سرداري نظام جو خاتمو نه ايندو تيستائين سنڌ ترقي نه ڪندي.

هنن چيو ته  پنج ڊسمبر تي سرداري نظام خلاف ڪراچي پريس ڪلب ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.