اسلام ڪوٽ: سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ”سردار نظام کان ڇوٽڪارو“ جي سري هيٺ تقريب

اسلام ڪوٽ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان عوامي آواز جي نعري سرداري نظام کان ڇوٽڪاري جي سري هيٺ تقريب ڪوٺائي وئي.

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ نيو سينهري ۾ ڪوٺايل ثقافتي تقريب ۾ ٻارڙن ثقافتي ويس پهري قومي گيتن تي رقص ڪيو.

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل، نارائڻ سنڌي، دليپ ۽ ٻين چيو ته سياسي ۽ قومي شعور جي ادراڪ سان ئي اسين پنھنجي ثقافت ۽ سنڌ بچائي سگهون ٿا،سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

هنن چيو ته سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي، سجاڳ ٻار تحريڪ سرداري نظام جو خاتمو چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.