14 منزلا ۽ 1400 ڪمرن تي ٻڌل محل وارو سامونڊي جهاز پاڪستان پهچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) 14 منزلن وارو ۽ 1400 ڪمرن تي مشتمل محل جهڙو ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو سامونڊي جهاز پاڪستان پهچي ويو.

رپورٽن موجب 14 فلورن واري محل جهڙي سامونڊي جهاز ۾ 1400 ڪمرا آهن جڏهن ته ان ۾ 7 اسٽار هوٽل، شاپنگ مال، گيمپنگ زون ۽ سوئمنگ پول به موجود آهي.

ذريعن موجب شپ بريڪنگ جي لاءِ خريد ڪيل جهاز جي تفريح گاهه بڻائڻ جو امڪان آهي.

رپورٽن موجب 56 هزار 800 ٽن جي بحري جهاز 1992 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن کي اطالوي جهاز سازن ٺاهيو هو.

ذريعن موجب پاڪستاني خانگي ڪمپني سامونڊي جهاز کي شپ بريڪنگ جي لاءِ خريد ڪيو، تنهن هوندي به هاڻي انکي هوٽل يا ڪروز جي لاءِ تبديل ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.