ڪترينا ڪيف، سلمان خان کي وساري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ناليواري ڀارتي اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل پنهنجي شادي ۾ سلمان خان ۽ ان جي ڀيڻن کي دعوت ناهي ڏني.

ڀارتي ميڊيا سان گفتگو ڪندي سلمان خان جي ننڍي ڀيڻ ارپيتا خان تصديق ڪئي آهي ته کين ڪو به شادي جو دعوت نامو ناهي مليو.

انکانسواءِ سلمان خان جي خاندان جي ويجهي ذريعن ان بابت وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته سلمان خان کي شادي جو ڪو به دعوت نامو ناهي موڪليو ويو.

ذريعن موجب سلمان خان جي ڀيڻن الويرا ۽ ارپيتا کي به ڪترينا طرفان شادي جو ڪو به دعوت نامو ناهي موڪليو ويو.

سلمان خان جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن جون نيڪ خواهشون اداڪارا سان گڏ آهن.

واضح رهي ته ذريعن اهو به چيو آهي ته شادي کان فوري طور پوءِ ڪترينا ٽائيگر 3 جي شوٽنگ ٻيهر شروع ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.