جهڏو: فيڊر شاخ جي ٽيل آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

 

جهڏي ۾ ڪوٽ غلام محمد سب ڊويزن جي فيڊر شاخ جي ٽيل آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي آبادگارن فقير محمد ڪلوئي، رئيس فتح خان چانڊيو، مير غفار ٽالپر ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ ڪوٽ غلام محمد سب ڊويزن جو  ايس ڊي او پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي آهي.

هنن چيو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود آهي منڊ جي بااثرن کي خوش ڪرڻ لاءِ فيڊر شاخ جي پوڇڙي جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي،  فصل تباهه ٿيڻ سبب آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته چوپايو مال پڻ اڃ مري رهيو آهي.

هنن چيو ته اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي پاڻي بحال ڪري وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.