ڀارتي اداڪار جو لاش گهر مان هٿ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ويب سيريز ”مرزا پور“ جي مرڪزي ڪردار ”منا ڀائيا“ جي دوست ”للت“ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا براهما مشرا جو لاش هٿ آيو آهي.

معروف ویب سیریز ’مرزا پور‘ کے اداکار کی لاش برآمد

پوليس موجب اداڪار جو لاش ممبئي جي علائقي ورسووا ۾ واقع ان جي رهائش گاهه مان هٿ آيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته براهما مشرا جو لاش وهنجڻي جي فرش تي پيل هو ۽ خدشو آهي ته سندس موت دل جي دوري جي ڪري ٿيو آهي جيتوڻيڪ پوسٽ مارٽم ٿيڻ کانپوءِ موت جي حتمي سبب جي خبر پئجي سگهندي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جو مُک دروازو اندران بند هو ۽ في الحال حادثاتي موت جو ڪيس داخل ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.