”مهانگائي کان وڌيڪ ڪهڙي نيشنل سيڪيورٽي آهي، دفاعي خرچن لاءِ به قرض ٿا وٺجن“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي کان مٿي نيشنل سيڪيورٽي ڪهڙي آهي، دفاعي خرچن ۽ پگهارن جي لاءِ به قرض وٺڻ جي ضرورت پئجي رهي آهي، اهو ڪرپشن ۽ نالائقي جو اهم نمونو آهي.

اسلام آباد ۾پريس ڪانفرسن ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت عوام اڳيان اعتراف ڪري ته اها ناڪام ٿي وئي، جتي ماڻهو سليڪٽڊ هجن ۽ ووٽ چوري ڪري آيا هجن انهن کي عوام جي ڳڻتي ناهي هوندي، جهڙي ريت حڪومت هلي رهي آهي جلدي ملڪ مهانگائي ۾ پهرين نمبر تي اچي ويندو.

شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته حالتن کي درست ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي شفاف چونڊون ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ڪونهي، حڪومت جي انگ اکرن تي ڪو به ادارو يقين ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي، نومبر ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو وڌيڪ مهانگائي ٿي آهي، غريبن جي گهرن جي خرچن ۾ هڪ سال جي اندار 18 سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي اهو منطق عوام کي قبول ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.