ميهڙ: اسٽيٽ ايجنسي بروڪرن پاران سب رجسٽرار مقرر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

 

ميهڙ ۾ اسٽيٽ ايجنسي بروڪرن پاران 7 مهينن کان سب رجسٽرار مقرر نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

اسٽيٽ بروڪر يونين جي اڳواڻ نظير احمد جانوري، جاجي گلزار جهتيال، محمد ايوب کوسو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 7 مهينن کان سب رجسٽرار مقرر نه ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل 7 مهينن کان سب رجسٽرار آفيس ميهڙ کي تالا لڳل آهن سب رجسٽرار جي بدلي ڪوبه نئو سب رجسٽرار مقرر ناهي ڪيو ويو جنهن سبب کاتيدارن ۽ انويسٽرز جون ڏيتيون ليتيون بند پيل آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سب رجسٽرار مقرر ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.