”وزيراعظم عوام جو نه، عالمي مالياتي ادارن جو نمائندو آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته مني بجيٽ پيش ڪرڻ سان گڏ مهانگائي جو طوفان برپا ٿيندو، هاڻوڪو سليڪٽڊ وزيراعظم عوام جو نه پر عالمي مالياتي ادارن جو نمائندو آهي.

پنهنجي بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته اها مني بجيٽ معيشت آءِ ايم ايف جي حوالي ڪرڻ جو سرينڊر ڊاڪيومينٽ آهي، اهو ملڪ ۽ قوم کي آءِ ايم ايف هٿان قتل ڪرڻ جو دستاويز آهي.

سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي انهن جي مفادن جي حفاظت لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.