”گوادر کي حق ڏيو تحريڪ“ جو ڌرڻو، مڪران ڪوسٽل هاءِ وي بند

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)”گوادر کي حق ڏيو“ تحريڪ جو ڌرڻو گوادر ۾ گذريل 18 ڏينهن کان جاري آهي، تحريڪ سان تڪجهتي جي اظهار لاءِ گوادر، پسني، اورماڙا ۾ شٽربند هڙتال ڪئي پئي وڃي، ٻئي پاسي تحريڪ جي حق ۾ مظاهرو ڪندڙ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي کي مختلف جاين تان بند ڪري ڇڏيو.

گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي تحت گوادر شهر ۾ پورٽ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو جاري آهي، ڌرڻي ۾ مختلف سياسي سماجي پارٽين جا اڳواڻ، ڪارڪن، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ مقامي ماهگير شريڪ آهن.

ٻئي پاسي گوادر کي حق ڏيو تحريڪ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گوادر، پسني ۽ اورماڙا ۾ شٽربند هڙتال جاري آهي، دڪان ۽ ڪاروباري مرڪز بند پيل آهن.

تحريڪ جي حق سربندن جي مقام وٽ گوادر-ڪراچي ڪوسٽل هاءِ وي کي بند ڪيو ويو آهي، مظاهرو ڪندڙن پسني ۽ اورماڙا زيرو پوائنٽ به ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪري ڇڏي آهي.

شرڪت ڪندڙن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي مطالبن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.