گئس ڪمپني جون عوام جو ساهه سڪائڻ جون تياريون، اگهن ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ جي درخواست

لاهور(ويب ڊيسڪ)سوئي ناردرن گيس ڪمپني اوگرا کي گيس ٽيرف ۾ ڊيڍ سئو سيڪڙو واڌ جي درخواست ڏني آهي.

چيئرمين اوگرا لاهور ۾ گيس جي اگهن ۾واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي ايم ڊي سوئي ناردرن علي جي عمداني موقف اختيار ڪيو ته هن سان 269 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي، گيس جي اگهن ۾ واڌ گهرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي.

هن چيو ته گيس نه هجڻ جا افواهه هلي رهيا آهن، آر ايل اين جي ان ۾ شامل ڪري ضرورت پوري ڪندا آهيون.

اوگرا چيئرمين جو چوڻ هو ته جيڪو به فيصلو هوندو عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو، في الحال ڪمپنين جي پٽيشن کي سپورٽ ڪدناسين ڇو ته گيس درآمد ڪري اگهه گهٽائڻ ڏکيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.