مخالف ڌُر ٽي ايل پي بڻبي؟ راڻا ثناءُ الله وڏي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ)نون ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت زبردستي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي اليڪشن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مخالف ڌر تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي ) ماڊل اختيار ڪندي.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جو سُڌو سنئون موقف آهي ته اسان اِي وي ايم تحت چونڊون ٿيڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته حڪومت زبردستي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ذريعي اليڪشن ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مخالف ڌر تحريڪ لبيڪ پاڪستان ماڊل اختيار ڪندي.

واضح رهي ته بلدياتي چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اِي وي ايم) تحت ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن اختيارين جو چوڻ آهي ته اِي وي ايم تي اليڪشن ڪرائڻ جو معاملو پاليسي معاملن ۾ اچي ٿو جيڪو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طئي ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.