مانجهند ۾ لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جو پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف چوٿين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ملازمن پاران حافظ مشتاق ڪوريجو، عبدالهادي مرکياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٽريزري ذريعي آن لائين پگهار هر ملازم جو حق آھي، پگھارون آن لائين نه هجڻ ڪري هر مهيني پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
احتجاج ڪندڙ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مطالبا تسليم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.