ڄامشورو: لمس يونيورسٽي جي فريولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ تقريري مقابلا

 

لمس يونيورسٽي ڄامشورو جي فزيو لاجي ڊپارٽمينٽ ۾ تقريري مقابلا ڪرائڻ لاء تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريري مقابلن جي تقريب ۾ 11 ٽيمن حصو ورتو جنهن ۾ نوبل انعام يافته ماهرن جي تخليق ۽ ڪورونا وائرس جي حوالي سان تقريرون پيش ڪيون ويون.

مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ۽ ٻين پاران انعام طور شيلڊس ڏنيو ويون.

ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن جن جي تعليم ۽ تربيت تي ڀرپور توجو ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته  يونيورسٽي ۾ پڙهائي سان گڏ شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪري انهن جي حوصلا افزائي ڪيون ٿا ته جيئن مستقبل ۾ اها ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ ۽ ان اداري جو نالو روشن ڪري سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.