اسلام ڪوٽ: سنڌ هاري ڪميٽي پاران سرداري نظام خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ نعري ”سرداري نظام کان ڇوٽڪارو“تحت سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ”سرداري نظام“خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ ديال داس ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻجي ويو آهي، ناظم جوکيو کي پکين جي تحفظ ڪندي شهيد ڪيو ويو، سنڌ جي ترقي ۾ سرداري نظام رڪاوٽ بڻيل آهي، وڏيرا نه ٿا چاهين ته ڪنهن غريب جو ٻار پڙهي اڳتي اچي،سرمائيدارن ۽ جاگيردارن هميشه مسڪينن جا حق غضب ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.