ڪراچي واسين لاءِ نئين آفت، شهر کي ”جواد“ جو خطرو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي موجب بنگال ۾ موجود هوا جو گهٽ دٻاءُ سامونڊي طوفان بڻجي سگهي ٿو.

موسميات کاتي جي ڊاريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان ٺهڻ جي صورت ۾ انکي ”جواد“ جو نالو ڏنو ويندو جيڪو سعودي عرب جو تجويز ڪيل آهي.

سردار سرفراز ٻڌايو ته سامونڊي طوفان مان پاڪستاني سامونڊي پٽي کي ڪي به خطرا ناهن.

هن ٻڌايو ته جيڪڏهن طوفان حد کان وڌيڪ شديد ٿيو ته شهر لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

ٻئي پاسي موسميات جي ماهر جيسن نڪلولس چيو آهي ته آنڌرا پرديش، اڙيسا، اولهه بنگال ۽ بنگلاديش طوفان مان متاثر ٿي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.