اسٽاڪ ايڪسچينج نه، حڪومتي معاشي پاليسي تباهه ٿي آهي: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج نه، حڪومت جي معاشي پاليسي ۽ قدم ڪريش ٿيا آهن.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس جي 2 هزار کان مٿي پوائنٽن جي ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2000 پوائنٽن جو ڪرڻ معاشي پاليسي تي عدم اعتماد جو ثبوت آهي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته سيڙپڪارن جا اربين رپيا لڙهڻ جو ذميوار عمران نيازي آهي، حڪومت کي خبردار ڪيو هو ته واپاري خسارو ۽ وياج جي شرح ۾ واڌ معيشت لاءِ موتمار آهي، پرڏيهي قرض جو تاريخي ٻوجهه رپئي جي ملهه ۾ لڳاتار لاٿ جو نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو.

هن وڌيڪ چيو ته ان تباهي کي هاڻي بيهڻ گهرجي، قومي سلامتي جو سوال آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.