مني بجيٽ تيار، ملڪ ۾ وڏي پيماني تي مهانگائي جا امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)مني بجيٽ تيار ٿي وئي آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جا خطرا وڌي ويا آهن.

مني بجيٽ ۾ ڪاسميٽڪس، دٻن ۾ بند خوراڪ ۽ لگزري آئٽمز مهانگا ٿي ويندا، امپورٽڊ گاڏين جا اگهه به وڌي ويندا.

چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته مني بجيٽ تيار ٿي وئي آهي، حڪومت جڏهن چوندي پيش ڪنداسين.

ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو ته لگزري شين جي درآمد تي ٽيڪس لڳايا ويندا. لگزري گاڏين جي درآمد تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش آهي، پيٽرول شين تي سيلز ٽيڪس ريفائنري اسٽيج تي لاڳو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.