خيرپور ۾وڪيل جي گهر تي چڙهائي، نوٽيس ، ايس ايڇ اوز طلب

خيرپور( ڊ ر )  خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت خيرپور جي علائقي ٻٻرلوءِ جي رهواسي هاءِ ڪورٽ جي وڪيل  مستوئي جي گهر تي ٽن ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد بعد ڦرلٽ ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ٿاڻيدار امير علي چانگ، ڪنڌرا ٿاڻي جي ٿاڻيدار الهڏنو ڦلپوٽو ۽ پٽڻي ٿاڻي جي ٿاڻيدار بشير احمد جاگيراڻي خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل عبدالله مستوئي طرفان ٻٻرلوءِ، ڪنڌرا ۽ پٽڻي ٿاڻي جي ٿاڻيدارن سميت ويهن پوليس اهلڪارن خلاف درخواست داخل ڪرائيندي بنان جواز سندس گهر ۾ گهري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪرڻ، سرڪاري اسلحي جي زور تي ڀاتين کي يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ سونا زيور ڦرڻ جي الزامن هيٺ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي حڪمن جي استدعا ڪئي ويئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.