خانڳڙهه جي واهن ۾ پاڻي جي کوٽ، پوکائي نه ٿي، آبادگار پريشان

خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) خانڳڙھ تعلقي جي سمورن واهن بمبلي مائينر ،بخاري مائينر ،مسو واهه ،مهر مائينر ،لٺ مائينر ۽ ٻين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي جي موسم ۾ به واهن ۾ پاڻي نه پهچي سگهيو آهي جنهن سبب فصل جي پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي رهيو آهن تعلقي جا آبادگار واهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سخت پريشان آهن ان سلسلي ۾ خانڳڙھ تعلقي جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته سمورن واهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي جنهن سبب ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي سخت متاثر ٿي رهي آهي آبادگارن مطالبو ڪيو ته فوري طور واهن ۾ پاڻي پهچايو وڃي ته جيئن اسين فصل وقت سر پوکي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.