لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري اگهه تي ڀاڻ جو هزارين ٻوريون وڪرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو جي موجودگيءَ ۾ زراعت کاتي جي عملدارن طرفان ٽرالر مان هٿ ڪيل ڀاڻ غريب هارين ۽ آبادگارن کي ڏيڻ لاءِ شهر جي نئون ديرو روڊ تي زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر رياض احمد سومرو ۽ سعيد احمد تنيو جي موجودگيءَ ۾ سرڪاري اگهه تي هڪ هزار کان وڌيڪ ٻوريون وڪريون ويون ويون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته ڪالهه شهر جي اوٺا چوڪ وٽ ٽرالر مان ڀاڻ جون هڪ هزار ٻوريون هٿ ڪرڻ بعد اڄ نئون ديرو روڊ تي ڀاڻ جون ٻوريون ڀاڻ جي واپارين ۽ دڪاندارن جي موجودگيءَ ۾ غريب هارين ۽ آبادگارن کي سرڪاري اگهه تي وڪريون ڪيون ويون آهن..  هن چيو ته ڀاڻ يا زرعي جنسن ۾ واڌ ڪنهن به صورت قبول ناهي ڀاڻ ذخيرو ڪري مارڪيٽ ۾ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ واپارين ۽ دڪاندارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ان لاءِ واپارين کي گهرجي ته هو آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري اگهه تي ڀاڻ جي في ٻوري ۽ ٻيون زرعي جنسون وڪرو ڪن جيئن ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ٻيون فصل جهجهي مقدار ۾ ٿين ۽ ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.