اڏيري لال ويجهو ڪارروائي، شراب جا 10 ڪارٽون هٿ

اڏيرولعل وليج (ن ع آ) ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جي حڪم تي کيبراڻي پوليس جي اڏيرولعل ويجهو ٽنڊو آدم روڊ تي ڪامياب ڪارروائي ڪار سميت 2 جوابدار گرفتار پوليس جو چوڻ آھي تہ ايس ايڇ او کيبراڻي  تسليم احمد ڀرڳڙي پنهنجي پوليس اسٽاف سان اڏيرولعل ويجهو ٽنڊو آدم ويندڙ روڊ تي کيبر ٽيليفون ايڪسچينج وٽ سنيپ چيڪنگ ڪري رهيو هو تہ پوليس هڪ  اڇي رنگ جي ٽويوٽا ڪرولا ڪار کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ۽ ڪار جي تلاشي ورتي تلاشئ دؤران ڪار جي ڊگئ مان 5 پنج ڪارٽون شراب جون بوتلون ۽ ڪار جي پوئين سيٽ تان 5 پنج ڪارٽون شراب جون بوتلون  هٿ ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ کان پوء انهن جي خلاف کيبراڻي ٿاڻي تي Fir No 43/2021 U/S 3/4 PEHO تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي گرفتار ٿيلن ۾ فاروق ميمڻ  ۽ وسيم ڪڇي شامل آھن جنهن مان فاروق ميمڻ ڄاموٽ محلہ مٽيارئ جو رهواسي آهي ۽ وسيم ڪڇي مٽيارئ جي ڪڇي ڪالونئ جو رهواسي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.