سانگهڙ پوليس فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري ورتو

سانگهڙ (ڊ ر) تازو ئي سانگهڙ سٽي تي تعنيات ٿيل ايس ايڇ او سانگهڙ نياز حسين ڪلهوڙو  ڏوهارين روپوشن ملزمن جوگهيرو تنگ ڪري ڇڏيو  سانگهڙ ٿاڻي جي حد۾  ڪجهه ڏينهن اڳ سرعام فائرنگ ڪري علائقي ۾ خوف ۽ هراس پيهلائڻ جي ڏوهه ۾ ملوث جوابدار روپوش غلام شبير جمالي کي گرفتار ڪري سندس قبضو مان ٽي ٽي پسٽل برآمد  ۽ سول اسپتال سانگهڙ جي ڊي ايڇ او آفس  مان چوري ٿيل بيٽريون رڪور ڪري ملزمن کي گرفتار ڪري ورتون ان موقعي تي ايس ايڇ او سانگهڙ سٽي نياز حسين ڪلهوڙي جو عوامي آواز جي عيوضي سان ڳالهيندي چيو ته ڪنهن به ڏوهاري سان رعايت نه ڪندس عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ منهنجي اولين ترجيع آهي آئون 24 ڪلاڪ آن ڪال آهيان علائقي ۾ ڪنهن قسم جو ڪوبه غير قانوني ڪم نه ٿيڻ ڏيندس سندس وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي ٿاڻي جي حد ۾ پابندي مڙهيل انڊين گٽڪو مڪمل بند اسان جا نوجوان 24 ڪلاڪ الرٽ آهن.  سندس چوڻ هو ته رات جي پهر ۾ اسان جي نواجون هر وقت رستن تي گشت ڪري ڪندا آهن جن جي مائينٽرنگ آئون پاڻ ڪندو آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.