ملير جي اسڪول ۾ثقافتي تقريب، سنڌ هميشه امن جو پيغام ڏنو آهي: مقرر

ملير (ڊ ر) 5 ڊسمبر ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن پاران ملير پريس ڪلب جي سهڪار سان روشن تارا اسڪول گلشن حديد ۾ رنگارنگ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن ۾ سگا جي صدر ڊاڪٽر محمد بخش عباسي، جنرل سيڪريٽري خادم حسين ڪانڌڙو، علي حسن بروهي، شير جوڻيجو، منور بروهي، ماهر تعليم بقاء محمد لوهر، محمد اڪبر نوناري، پرنسپل پرهه خادم، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو صحافين  سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪن ۽ ثوپي جا تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تقريرون، قومي گيتن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا،  ان موقعي تي سگا جي جنرل سيڪريٽري خادم حسين ڪانڌڙو چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، سنڌ جي تاريخ هزارين سال قديمي آهي، هن چيو ته سنڌ هميشه امن، ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي، سنڌ جي ثقافت دنيا جي سڀني ثقافتن کان قديم ۽ سهڻي آهي، اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌ ڌرتي ۾ پيدا ٿيا آهيون، اسڪول جي پرنسپل پرهه خادم چيو ته اسان کي هر سال ثقافتي ڏهاڙي جو انتظار رهندو آهي اسين سنڌي ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جن اسان کي سال ۾ هڪ ڏينهن خوشي جو ملهائڻ لاءِ موقعو ڏنو آهي، اسڪول جا شاگرد توڙي شاگردياڻيون ثقافتي ويس وڳا پائي پنهنجي ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن، 5 ڊسمبر کي عيد جيان ملهائڻ لاءِ اسان جون تياريون جاري آهن.

  • عوامي آواز  ميڊيا گروپ جي سڏ تي ڳڙهي ياسين ۾ثقافتي تقريب

ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين شهر ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان سنڌ جو نعرو  سرداري نظام کان ڇوٽڪارو سري هيٺ  پروگرام منعقد ڪيو ويو ، پ پ آفيس ڳڙهي ياسين جي اڱڻ تي صحافين پاران مچ ڪچهري جي رنگارنگي تقريب ڪوٺائي وئي ، ٿيل پروگرام ۾ فنڪارن سرد رات ۾ قومي گيتن تي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جهومائي ڌرتي کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ، هن تقريب ۾ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج خان دراني جي ڀاءُ اڳوڻو ٽائون چيئرمين آغا شجاع الدين خان دراني ، اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين مسرور احمد بجاراڻي ، ٽائون آفيسر ڳڙهي ياسين غلام مرتضي جاگيراڻي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ، جڏهن ته ھن پروگرام ۾ شهر جي معززين سيد عبدالقادر شاهه امروٽي ، ارث الله خان سيلرو ،حاجي عزيز الله منگي ، ڪريم بخش جعفري ، وڏيرو عبدالستار ٻرڙو ، علي خان راڄڙ ، بلال علي بروهي ، عبدالرحمان عرف ڏاڏو خان ، سيد عاشق علي شاه ، عمرالدين ملڪ ، غلام اصغر جعفري ، ايڊوڪيٽ اسرار ککراڻي  ، نصرالله ککراڻي ، ايم ايس ڳڙهي ياسين ڊاڪٽر تصور علي ميمڻ ، خاندورو جعفري ، صدر پريس ڪلب شڪارپور سوڍو جيمس ، سينئر صحافي رحمت الله سومرو  ، عبدالسلام انڙ ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن شڪارپور ارشاد احمد چانڊيو ، صحافين ياسين ڌاريجو ، اڪرم چانڊيو ، شڪيل ڌاريجو ۽ ٻين آيل مهمانن کي اجرڪ ۽ ٽوپين جا اجرڪ تحفا پيش ڪيا ويا،  مچ ڪچهري ۾ سنڌ جي مشهور فنڪارن نادر ابڙو ، ليلان سورٺ ، شبولعل ۽ ٻين قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

  • مقصودي رند ڀرسان اسڪول ۾ ثقافت تقريب، ٽيبلوز

مقصودو رند (ن ع آ) 5 ڊسمبر تي اعلانيل ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان مقصودو رند لڳ ڳوٺ خان رند جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ون (1) ۾ ثقافتي رنگا رنگي پروگرام، شاگردن پاران ٽيبلوز  پيش ، قومي گيتن تي  استادن ۽ شاگردن ٽوپي اجرڪ ۽ قومي لباس پھري رقص ڪيو ھر طرف ثقافت جا رنگ نکرجي ويا جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج خبر موجب 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان مقصودو رند لڳ ڳوٺ خان رند جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ون (1) ۾ اسڪول جي استادن شوقين علي رند ۽ استاد عبدالقادر رند پاران شاندارثقافتي پروگرام ڪرايو ويو ثقافتي پروگرام ۾ استادن ۽ شاگردن قومي لباس پھري قومي گيتن تي خوب رقص ڪيو.  جڏھن ته شاگردن پاران انساني زنجير ٺاهي سنڌ امڙ سان پيار جو اظهار ڪيو ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن ۾ سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي راند ملھ راند پڻ ڪرائي وئي جڏھن ته شاگردن پاران ثقافتي پيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا ان موقعي تي اسڪول جي استادن شوقين علي رند، استاد عبدالقادر رند ۽ شاگردن جو چوڻ ھو ته 5 ڊسمبر جو ثقافتي ڏھاڙو اسان جي لاءِ عيد وانگر آھي ۽ اسان انھي ڏھاڙي کي ڀرپور نموني سان ملھائينداسين ۽ سنڌ امڙ سان وفا جو وچن ورجنداسين .

  1. مانجهند۾ثقافتي سرگرميون، اسٽيج ڊرامو

مانجهند (ن ع آ) مانجهند ۾ شاه اويس آرٽ سرڪل مانجهند طرفان ثقافٿي سرگرمين جي سلسلي ۾ ٽي وي فلم اسٽيج جي نامياري اداڪار ڊائريڪٽر استاد ايم ايم بلوچ جي 50 سالا فني خدمتن  کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي جڏھن ت مانجهند جي بهترين استاد مرحوم محمد موسي ميمڻ جي نالي سان مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا تقريب ۾ سينئر اداڪار اسماعيل چابڊيو عبدالمنان عباسي ماما لالو منير سيال نظر رونجهو گل ڀٽو يونس سنائي  سياسي سماجي شخصيتن حاجي صديق ميمڻ حيدر ملاح غلام مهدي کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ت استاد ايم ايم بلوچ اد صدي کان  فن جي خدمت ڪندو اچي سندس شاگرد هزارن جي تعداد ۾ آھن جيڪي بهترين انداز ۾ ڪم ڪري رهيا ايم ايم بلوچ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ناٽڪ منڊليون رچائي هميشه سردارن پيرن جي ظالم ڪردارن کي اوئکو ڪندو رهيو آھي.

  •  راڄو خاناڻي ڀرسان ايڪتا جاڳرتا تقريب، مچ ڪچهري

راڄوخاناڻي (ن ع آ) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ آجو خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي نوجوانن اويس احمد قادر بخش عباس ۽ ٻين علم پرايو سنڌ سنواريو جي عنوان ھيٺ مچ ڪچهري منعقد ڪئي جنهن جي صدارت مشهور شاعر محقق نقاد سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري خاڪي جاني ڪئي ٻين خاص مھمانن ۾ نالي وارن سگھڙن جنهن۾ بزرگ سگھڙ اسماعيل شورو حاڪم لغاري شاعر اڪرام الاھي نظاماڻي فيصل چانڊيو عوامي آواز اخبار ۽عوامي آواز ٽي وي چينل رپورٽر امداد علي نظاماڻي ھئا مچ ڪچهري ۾ آيل معزز مھمانن کي ميزبانن پاران اجرڪون پارايون ويو ھيون مچ ڪچهري ۾ شاعرن پنهنجي شاعري جي صنف پيش ڪري داد حاصل ڪيو سگھڙن پنھنجا سينگار ٻڌائي مچ ڪچهري۾حاضر عوام کي جھومائي کين گرم ڪري ڇڏيو هو ۽ ھر طرف ۽ پاسن کان واھ واھ جا آواز ڪڊرائي چڏيا ھئا مچ ڪچهري کي روزاني عوامي آواز۽عوامي ٽي وي رپورٽر امداد علي نظاماڻي۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ھو آخر۾ صدراتي خطاب ڪندي اديب شاعر محقق نقاد خاڪي جاني چيو اھڙيون مچ ڪچهريون سنڌي ثقافت تاريخ تھذيب ۽ روايتن جي سڃاڻپ آھن انھن سان ماڻهن ۾ محبتون سھپ برداشت جھڙا انمول رؤيا جنم وٺندا آهن مچ ڪچهريون سنڌي ثقافت تاريخ جا ڏينهن ملهائڻ سان اتساهه پيدا ٿي ٿو جنهن سان ماڻهن ۾ اجتماعي ترقي سوچون اڳتي وڌڻ جھڙا آفاقي پيغام ملن ٿا اھڙا پروگرام سنڌ دوست عوام دوست انسان کي ايڪي ٻڌي ڀائيچاري واري پاسي کڻي وڃن ٿا.

  • مهراڻ يونيورسٽي ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن شاگردياڻين پاران قومي گيتن تي رقص

ڄامشورو( ڊ ر ) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش جزبي سان ملهايو ويو، ڊينٽل ڊپارٽمينٽ چوڪ کان سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون ثقافتي ويس اوڍي قومي گيتن تي رقص ڪندا شاندار ريلي جي صورت ۾ مين ڪئمپس وٽ پهتا جتي شاگردن پاران انساني چين ٺاهي قومي گيتن تي ڀرپور رقص ڪيو ويو ۽ سنڌي ڪلچر مطابق علامتي شادي جون رسمون پڻ ڪيون ويون, جڏهن ته ثقافتي ڏهاڙي ۾ سنڌي شاگردن سان گڏ بلوچ, پٺاڻ, پنجابي ۽  ملڪي شاگردن پڻ ڀرپور حصو ورتو,ان موقعي تي شاگردن توڙي شاگردياڻين جو چوڻ سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي, سنڌي قومي دنيا ۾ امن پسند, محبتي ۽ مهمانواز طور سڃاتي وڃي ٿي, ان ڪري ان سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاء هن قسم جا پروگرام تمام ضرور آهن, هنن چيو ته اسان لمس انتظاميا ۽ ايم بي بي ايس ڊپارٽمينٽ جي انتظاميا جا تمام گهڻا ٿورائتا آهن جن جي تعاون تمام بهتر پروگرام ڪري سگهيا آهيون.

  • کهڙا  اسڪول ۾ ثقافتي تقريب، قومي گيتن تي رقص

کهڙا (ن ع آ) کهڙا ۾ گورنمينٽ بوائيز هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ هڪ شاندار پروقار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي. ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء اسڪول جي شاگردن ثقافتي لباس ٽوپي اجرڪ پهري ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو. شاگرد محمد علي اڄڻ قومي گيت ڳائي واه واه ڪرائي خوب داد حاصل ڪيو.   پنج ڊسمبر ثقافتي ڏينهن جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ثقافتي تقريب ۾ شاعر ۽ نوجوان صحافي عبدالرزاق اڄڻ. سينئير صحافي عبدالحڪيم شر. اسڪول جي پرنسپال ميڊم شبانه ڀٽي. استاد دائم علي سهتي. استاد انعام جاگيراڻي. استاد خليل خواجه. استاد ڪليم الله خلجي. استاد عبدالجبار عباسي. صحافي مولابخش اڄڻ. اقبال ابڙي. عبدالڪريم شر ۽ ٻين استادن. صحافين. شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ صحافين صحافي عبدالرزاق اڄڻ. ميان نظير اڄڻ. اقبال ابڙي. مولابخش اڄڻ ۽ ٻين کي سنڌي ثقافتي اجرڪ اوڍايا ويا ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ثقافت هزارين سال پراڻي آھي اسين سنڌي هجڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا. علم کان محروم قومون ڪڏھن به ترقي ماڻي نه ٿيون سگهن.

  • دولتپور جي خانگي اسڪول ۾ثقافتي تقريب

دولت پورصفن (ن ع آ ) 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾مختلف شهرن جيان دولتپور صفن ۾پڻ تياريون تيز ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ دولتپور ڀرسان ڳوٺ چڱل سھتو جي خانگي اسڪول  ۾ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ اسڪول جي سوين شاگردن ثقافتي ويس پھري ٽوپي اجرڪ پٽڪو ٻڌي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ بھترين نموني ٽيبلوز پيش ڪيا. جڏهن ته ھن ثقافتي پروگرام ۾ آيل مھمانن کي ڳوٺ جي نيڪ مرد اميرو حمزه سھتو جن سينيئر صحافي منور ڪلوئي محمد يوسف رند جي ايم جوڻيجو فاروق جوڻيجو اعجاز علي سنگراھ  خالد حسين لاکو شوڪت علي سومرو ھيڊ ماستر علي اصغر راھو ۽ ٻين کي سنڌ جي ثقافت طور  اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان جي ثقافت دنيا ۾ ھڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.

  • عادلپور جي اسڪول ۾ ثقافتي تقريب،  تقريري مقابلا

عادلپور( ن ع آ ) عادلپور جي نور پبلڪ هاءِ اسڪول چنگلاڻي ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پيش ڪيا ويا سڄي سنڌ جيان عادلپور جي نور پبلڪ هاءِ اسڪول چنگلاڻي  ثقافتي رنگن سان رنگجي پيو پرنسپال سراج احمد نوناري اويس ڪلوڙ عبدالشکور سومرو عبدالرزاق انصاري سيد اختر علي شاھ ۽ شرفدين لانگاھ اڳوڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ثقافتي ويس اوڊي مختلف موضوعن تي تقريري مقابلا ڪري ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي سراج احمد نوناري اويس ڪلوڙ عبدالشکور سومرو عبدالرزاق انصاري سيد اختر علي شاھ شرفدين لانگاھ ٻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته موئن جو دڙي مان ثابت ٿي ٿو ته اسان جي سنڌ جي ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي، اسان کي گهرجي ته ثقافتي ڏهاڙو قومي عيد جيان مليون ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيون.

  • سيوهڻ ۾ثقافتي تقريب ۽ مچ ڪچهري، راڳ رهاڻ

سيوهڻ(ن ع آ)سڄي سنڌ جيان قلندر جي نگري ۾ به ثقافتي رنگ سان رنگي وئي آهي سيوھڻ جي مک سماجي تنظيم لعل شهباز ٽرسٽ سيوهڻ پاران ڪامريڊ اڪبر ملاح جي اڳواڻي ۾ ڪالھ رات شاندار ثقافتي مچ ڪچھري منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ جي صدر پنھل ساريو, پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چئرمين مصطفي ميراڻي سميت شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچھري ۾ سمورو پنڊال جئي سنڌ جئي سنڌ جي نعرن سان گونجي پيو، ان موقعي تي مچ ڪچھري کي جسقم  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي, پنھل ساريو, مصطفي ميراڻي, اڪبر ملاح, نثار سولنگي, احسان رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ميڊيا کي جس هجي جيڪي هر سال ثقافتي ڏهاڙو ملھائي سنڌي ثقافت کي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيا آهن سنڌي قوم وٽ هزارين سالن جي قديم تھذيب ۽ ثقافت موجود آهي پنهنجي جنهن کي سنڌي عوام عيد برابر ملھائيندو آهي. ھنن چيو ته سنڌو درياه اسان جي لائيف لائين آهي جنهن تي وڏا غير قانوني ڊيم اڏي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي ثقافتي ڏينهن تي ان سازش خلاف جدوجهد ڪرڻ گھرجي. سنڌي قوم کي تعليم حاصل ڪري سنڌ کي اوليت ڏيڻ گھرجي ۽ سرداري نظام جي حوصلا شڪني ڪرڻ گھرجي. جڏهن تقريب ۾ مشهور صوفي راڳي وزير علي شاھ قومي ثقافتي ڳيت ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جھمائي خوب داد حاصل ڪيو ان موقعي تي، سيد الله بخش شاهه لڪياري، قوم پرست اڳواڻ ڪامريڊ شبير ملاح، ڪامريڊ مولابخش نوحاڻي، سيٺ منظور سومرو، وڏيرو نعيم احمد سولنگي، پ ٽ الف تعلقہ سيوهڻ صدر محمد بخش رند، سينيئر صحافي ذوالفقار علي سولنگي، ڪي ڪي بڙدي، گلشير بلوچ، اشرف هاتار، آصف ملاح، ماجد قريشي، احسان رند، صفدر نجفي، ڪامريڊ اصغر ڪوريجو، آفتاب سولنگي ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.