مني بجيٽ تيار آهي، حڪومت جڏهن چوندي پيش ڪنداسين: ايف بي آر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته مني بجيٽ تيار ٿي وئي آهي، حڪومت جڏهن چوندي پيش ڪنداسين.

هن ٻڌايو ته مني بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ کي واپس ورتو پيو وڃي، کائڻ پيئڻ جي شين ۽ دوائن تي ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي.

ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو ته لگزري شين جي درآمد تي ٽيڪس لڳايا ويندا.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين ۾ هن چيو ته لگزري گاڏين جي درآمد تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش آهي، پيٽرول شين تي سيلز ٽيڪس ريفائنري اسٽيج تي لاڳو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.