”سمگلنگ جي ڪري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿئي ٿي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻون پيا“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت جي شديد نقصان پهتو آهي، سمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿيندي آهي، قيمتون وڌي وينديون آهن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو، عمران خان مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.

عمران خان چيو ته ڪڻڪ، يوريا، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي سمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن.

هن چيو ته سمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان قدم کڻڻ جو مقصد عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻو آهي، ضروري شين جي اگهن ۾ فرق سمگلنگ جي ڪري ٿيندو آهي.

وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊالر جي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني هولڊنگ جي خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي، بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته غير قانوني پيٽرول جي سمگلنگ خلاف آپريشن ۾ ڪاميابي ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.