طالبان حڪومت لاءِ نئون مسئلو، نائن اليون جي متاثرن وڏو مطالبو ڪري ڇڏيو

نيويارڪ ۾ 11 سيپٽمبر 2001 (نائين اليون) تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل حملي جي متاثرن مطالبو ڪيو آهي ته انهن کي آمريڪي بينڪن ۾ پيل افغانستان جي پيسن مان هرجاڻو ادا ڪيو وڃي.

واضح رهي ته نيويارڪ جي عدالت 2012 ۾ فيصلو ڪيو هو ته طالبان، القاعدا ۽ ٻيون تنظيمون نائن اليون جو ذميوار آهن، اهي نائن اليون جي متاثرن کي هرجاڻو ادا ڪنديون.

آمريڪا طالبان طرفان هلندڙ سال جي آگسٽ ۾ ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي بينڪن ۾پيل افغان حڪومت جا اربين ڊالر منجمند ڪري ڇڏيا آهن.

متاثرن جو چوڻ آهي ته افغان حڪومت جا پيسا هاڻي طالبان جا آهن، انڪري انهن تي هرجاڻي جي شق لاڳو ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي طالبان گذريل ڏينهن ۾ آمريڪي ڪانگريس جي نالي تي خط لکي حڪومت جي منجمند ڪيل پيسن جي بحالي جو مطالبو ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.