ايراني فورسز سان جهڙپون، طالبان ويڙهاڪن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي طالبان فورسز ۽ ايراني سرحدي فورس وچ ۾ جهڙپن جا اطلاع مليا آهن، اهڙيون جهڙپون اولهه افغانستان جي صوبي نمروز جي سرحدي ضلعي ڪُنگ ۾ ٿيون آهن.

مقامي افغان صحافين پاڪستان جي خانگي ٽي وي کي ٻڌايو ته طالبان ۽ ايراني فورس جي وچ ۾ جهڙپون نمروز جي سرحدي ضلعي ۾ اربع جي ڏينهن شام جو 5 وڳي کان شروع ٿيون جيڪي آخري اطلاعن تائين جاري آهن.

اهڙي ويڙهه دوران طالبان طرفان ننڍي هٿيارن سان گڏ وڏو اسلحو به استعمال ڪيو پيو وڃي.

مقامي ميڊيا جي موجب طالبان طرفان ٽن سرحدي چوڪين تي قبضي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته طالبان وڌيڪ فوجي اٽالا به طلب ڪيا آهن.

افغانستان جي مقامي صحافين موجب اها جهڙپ ان وقت شروع ٿي جڏهن ايران طرفان سرحد تي چيڪ پوسٽ جي تعمير ڪئي پئي وئي.

اهڙين جهڙپن دوران ڪيترن ئي طالبان ويڙهاڪن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن پر ايران جي ڪنهن به زخمي يا جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

واضح رهي ته ايران ۽ افغانستان جي حڪومتن طرفان ان سرحدي جهڙپ بابت هن وقت تائين ڪو به سرڪاري بيان ناهي ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.